ٺلهه ڌامراھا

ٺلهه ڌامراھا

ٺلهه ڌامراھا

ٺلهه ڌامراھا: هي ٺلهه ڳوٺ ڌامراھي، تپي ڌامراھي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. ھي ماڳ لاڙڪاڻي رتي ديري روڊ کان اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آھي.
ٺلهه ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي؛ پر اُتي هن وقت ڪنھن به قسم جون ثقافتي وٿون موجود نه آھن. ٺلهه جي اڏاوت ڏاڍي شانائتي آھي، ۽ جيڪي به ٺلهه ھن وقت سنڌ ۾ موجود آھن، تن مان هي سٺيءَ حالت ۾ آھي. گھڻين برساتن سبب اڀرندي پاسي گھڻو کاڄي ويو آھي. ٺلهه پنجن طبقن ۾ ٺھيل آھي. اھي طبقا ھيٺان کان مٿي سوڙھا ٿيندا وڃن ٿا. ھيٺيون طبقو چورس ۽ ھر پاسو اٽڪل 205 س. ميٽر ۽ اوچائي ۾ 75 س. ميٽر آهي. اتي پنجن انچن جو وڌاوڙو ڏنل آهيس. ٻيو طبقو اٽڪل 190 س. م ويڪرو ۽ 40 س. م اوچو آھي. ٽيون طبقو 175 س.م ويڪرو ۽ 110 س. ميٽر اوچو آھي. اِھي چارئي طبقا چورس رٿ تي ٺھيل آھن. مٿيون پنجون طبقو گول 376 س- ميٽر گھيري جو ۽ 380 س. م اوچو نھرو ۽ گاري سان لنبيل آھي. مٿيون چوٽيءَ وارو حصو پڪ سرو آهي، جڏھن ته باقي حصو ڪچين سرن جو آھي. ڏاڪڻ جا ڪجهه نشان ملن ٿا، جيڪي 1988ع تائين ھئا. پر 1993ع ۾ ڪوبه ڏاڪڻ جو نشان موجود ڪونه ھو. سرن جي ماپ 38cmx4cm يا 39cmx22cm آھي. سرن جي ماپ ٻڌائي ته ھي سڀني ۾ پراڻو ٺلهه آھي. ھي ٺلهه بين سڀني ٺلھن کان وڏيڪ ثقافتي سگهه رکي ٿو. 2000ع ۾ ھڪ جپاني گروپ سان جڏھن هن ماڳ کي ڏٺو ويو ته ھيٺين طبقي جي اوڀر واري ڪنڊ ڪري چڪي ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو